شرلاڪ هومز

شرلاڪ هومز

شرلاڪ هومز

شرلاڪ هومز: شرلاڪ هومز انگريزي فلمن ۽ افسانن جو خيالي ڪردار آهي. هيءُ انتهائي مقبوليت ماڻيندڙ جاسوسي ڪردار، جيڪو برطانوي ليکڪ سر آرٿر ڪونئن ڊوئل تخليق ڪيو. هيءُ ڪردار پهريون ڀيرو 1887ع ڌاري هڪ افساني A Study in Scarlet ذريعي ڇپيل صورت ۾ منظرعام تي آيو، جڏهن ته ڪردار جي باقاعده مقبوليت جو آغاز 1891ع ڌاري، The Strand Magazine ۾ A Scandal in Bohemia نالي افساني ذريعي ٿيو، جيڪو 1927ع تائين جاري رهيو، جنهن دوران هـن ڪـردار تـي ڪـونـئـن ڊوئـل لڳ ڀڳ چـار نـاول ۽ 56 افـسـانا لکـيـا. هن ڪردار جي اتساهه بابت چيو وڃي ٿو ته هي ڪردار، ايڊگر ايلن پوءَ جي افسانوي جاسوس ڪردار سي. آگسٽي ڊيوپن (C.Augaste Dupin) تان کنيو ويو، جڏهن ته خود ڪونئن ڊوئل جو چوڻ هو ته شرلاڪ هومز جو ڪردار، ايڊنبرگ جي هڪ حقيقي ڪردار کان متاثر ٿي تخليق ڪيو ويو، جنهن سان سندس ملاقات 1877ع ۾ ٿي هئي.
هيءُ هڪ خانگي جاسوس جو افسانوي ڪردار هو، جيڪو پنهنجي تيز تر مشاهدي، تفتيش لاءِ حياتياتي، ڪيميائي ۽ ٻين سائنسي طريقن جي استعمال، ڏوهه پويان لڪل سببن جي منطقي ڇنڊ ڇاڻ وسيلي ڏوهارين کي بي نقاب ڪرڻ سبب تمام گهڻو مقبول ٿيو. هن مرڪزي ڪردار سان وابسته جيڪي افسانا ۽ ناول تحرير ڪيا ويا، انهن مان هيٺين بي پناهه شهرت ماڻي.
1. The Adventure of the Greek Interpreter.
2. The Adventure of the Bruce-Partington Plans
3. The Sign of the Four
4. A Study in Scarlet
5. The Final Problem
6. The Hound of the Baskervilles
7. The Adventure of the Empty House
8. The Adventure of Wisteria Lodge
9. The Adventure of Lion’s Mane
10. The Adventure of the Golden Prince¬¬¬-Nez
11. The Adventure of the Devil’s Foot
12. The Adventure of the Gloria Scott
13. The Adventure of the Red Circle
14. The Man with the Twisted Lip
15. A Case of Identity
16. The Adventure of Charles Augustus Milverton
17. The Valley of Fear
18. The Adventure of the Copper Beeches
19. The Adventure of the Dying Detective
20. The Adventure of Crooked Man
21. The Musgrave Ritual
22. The Adventure of Solitary Cyclist
23. The Adventure of Black Peter
24. The Adventure of the Dancing Men
25. The Red Headed League
26. The Adventure of the Speckled Band
27. The Six Napoleons
28. The Yellow Face
29. The Adventure of the Naval Treaty
30. The Adventure of the Abbey Grange
گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ مطابق، شرلاڪ هومز جو ڪردار ‘تمام گهڻو ڏيکاريو ويندڙ فلمي ڪردار’ طور رڪارڊ فهرست ۾ شامل ڪيل آهي، جنهن کي لڳ ڀڳ 70 اداڪارن تقريبن 200 فلمن ۾ پيش ڪيو. اسڪرين تي پهريون ڀيرو هي ڪردار 1900ع ۾ Mutoscope Film طرفان Sherlock Holmes Baffled نالي فلم ۾ ڏيکاريو ويو. اها فلم دنيا جي ٻين ڪيترين ئي زبانن ۾ پڻ پيش ڪئي وئي. 1899ع ڌاري وليم جيلئٽ (William Gillete) نالي اداڪارهن ڪردار کي 1300 ڀيرا اسٽيج تي پرفارم ڪيو. ان کان سواءِ هن ڪردار کي ٻين ڪيترن ليکڪن پنهنجي تحريرن ۾ آندو آهي، جن ۾:
1. The Alternative Sherlock Holmes:Pastiches,Parodies and copies ( By: peter Ridgway watt and Joseph Green)
2. The Late Sherlock Holmes (By:J.M.Barrie)
3. Sherlock Holmes in the 22nd century(By:H.P.Loveraft)
4. A study in Emerald( Neil Gaiman)
5. The Seven-per-cent Solution ( Nicholas Meyer)
انهن مان نڪوليس ميئر جو ناول The Seven-per-cent solution خاص آهي، جيڪو 1974ع ۾ انگريزي زبان ۾ شايع ٿيو، ان لاءِ نيويارڪ ٽائيمز لکيو آهي ته هي 1974ع جو بهترين وڪامجندڙ ناول ‘Best selling Novel’ رهيو، جنهن تي 1976ع ڌاري ساڳئي نالي سان فلم به ٺهي. جڏهن ته A Study in Emerald کي 2004ع ۾ بهترين افساني جو Gugo اوارڊ ڏنو ويو. هن ڪردار جي مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، لنڊن جي بيڪر اسٽريٽ تي ‘شرلاڪ هومز ميوزيم’ نالي سان عجائب گهر قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف اداڪارن طرفان شرلاڪ هومز جي ڪردار هيٺ آيل استعمال وارن جاسوسي اوزارن ۽ ٻين شين کي نمائش لاءِ رکيو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن فرضي ڪردار کي مرزا قليچ بيگ ترجمو ڪري پيش ڪيو. ان ڏس ۾ سندس ڪتاب ‘شرلاڪ هومس جا عجيب غريب ڪم’ پڻ شايع ٿيل آهي.


لفظ شرلاڪ هومزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو